حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري تازو ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين کي قانوني ۽ ميرٽ قرار ڏئي ڪميشن تي لڳلندڙ الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو آھي.
ڪالهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پي آر او ڪميشن جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران کاتي ۾ ميونسپل آفيسرن بي پي ايس 17 جي نتيجن جو اعلان ڪري معيار تي پورو لھندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو آھي.
ڪميشن جي اھڙن نتيجن جي جاري ٿيڻ بعد ڪجھه عناصرن پاران سوشل ميڊيا ذريعي مھم ھلائي الزام ھنيا ويا آهن، جن جي ايس پي ايس سي مڪمل طور تي مذمت ڪندي رد ڪري ٿي.
الزامن واري ان مھم دوران چند اميدوارن جون سياسي شخصيتن سان تصويرون جاري ڪري اداري خلاف غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ جي هر شهري کي آزادي جو حق حاصل آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته اھو پڻ واضع ڪجي ٿو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مڪاني کاتي ۾ ميونسپل آفيسر جي لکت واري امتحان ۾ 105748 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 1440 اميدوارن 1.36 سيڪڙو جي بنياد تي ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ 1440 اميدوارن جو انٽرويو ورتو ويو، جن مان 418 اميدوارن کي بھترين ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي ۽ سندن مقرري جي سفارش ڪئي وئي.
اھو پڻ واضع ڪجي ٿو ته 46 پوسٽون خالي رھجي ويون آھن، جنھن مان اداري پاران ڀرتين ۾ شفافيت واري عمل جي وضاحت ٿئي ٿي، ڪميشن واضع ڪيو ته 82 اھڙن اميدوارن جي سفارش ڪئي وئي آھي جيڪي ساڳئي کاتي ۾ ٽائون آفيسر بي پي ايس 16 جي لکت واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيل آھن.
اھڙي طرح 72 اھڙا به اميدوار آھن جيڪي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد، جي اي ايس ٽي، پي ايس ٽي استاد آھن، جيڪي آئي بي اي سکر پاران ڀرتي ڪيل آھن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ان ڳالهه تي به زور ڏيندي چيو ته گذريل 12 مهينن دوران مختلف امتحانن ۾ تقريبن 5،000 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ ليڪچررز، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، ڊاڪٽر، رينج فاريسٽ آفيسر، نرسنگ انسٽرڪٽرز، اسٽاف نرس، اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسرن جون مختلف پوسٽون شامل آهن.
ڪميشن اھڙن سمورن الزامن کي رد ڪري ٿي، آئيني اداري خلاف الزام ھڻي منفي مھم ھلائي پئي وڃي، ادارو اھڙن الزامن کي پاسي تي رکندي پنھنجو ڪم جاري رکندو ۽ ميرٽ تي اميدوارن جي چونڊ واري عمل کي جاري رکندو.