نتيجن ۾ هيراڦيري خلاف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آفيس آڏو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ تازين ٿيل بيضابطگين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي حيدرآباد جي سڏ تي رسول بخش  ٿيٻي، ڊاڪٽر بدر چني، غفار چانڊئي، سميع چانڊئي، هنجراح، فقير علي گل ڪانڌڙي، گل بيگ ڇلگري، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻي، سياف اڳواڻ ڪامريڊ ذيشان ٻگھئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هيڊ آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازين گزيٽيڊ آفيسرن جي امتحانن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻي پيپلز سروس ڪميشن ٿي وئي آهي، جيڪا زرداري جي حمايتين ۽ وڏيرن جي نااهل اولاد ۾ پوسٽون ورهائي رهي آهي يا وري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي ورچڙهي وئي آهي، حقيقي ۽ اهل شاگردن کي ڄاڻي واڻي فيل ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته تازيون ٿيل ڀرتيون نج ميرٽ جي لتاڙ آهي، سياسي ماڻهن کي نوازيو ويو آهي، اهڙين ڀرتين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، اسين احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.