حماس جي حمايت ۾ پوسٽ لڳائڻ تي فلسطيني اداڪارا گرفتار

رملا (ويب ڊيسڪ) قابض اسرائيلي پوليس فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ لڳائيندڙ فسلطيني اداڪارا مائيسا عبدالهادي کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب 37 ورهين جي مائيسه عبدالهادي غزا ۽ حماس جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ شيئر ڪئي هئي.
اداڪارا مائيسا عبدالهادي مُرڪندڙ ايموجي سان گڏ 85 ورهين جي يرغمالي يفيٰ ادر جون تصويرون پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيون هيون جڏهن ته ٻي پوسٽ ۾ حماس جي فوج کي اسرائيل جي حفاظتي رنڊڪ ٽوڙيندي ڏٺو ويو.
ان پوسٽ کان پوءِ اسرائيلي پوليس فلسطينين اداڪارا کي گرفتار ڪري ورتو، اسرائيلي پوليس طرفان اداڪارا جو نالو کڻڻ کانسواءِ گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو ته ناصرا مان نيٽورڪ انفلوئينسر ۽ اداڪارا کي دهشتگردن جي حمايت ۽ نفرت جوڳو مواد پکيڙڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.