اسرائيل غزا تي زميني حملو ملتوي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل حماس جي قيد مان يرغمالين جي آزادي تائين غزا تي زميني چڙهائي کي ملتوي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو.

اسرائيلي اختيارين جو آمريڪي ويب سائيٽ سان گفتگو ۾ چوڻ هوته اسرائيل ان ڳالهه تي راضي آهي ته يرغمالين جي آزاديءَ تائين غزا ۾ زميني آپريشن ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي.

اختيارين ٻڌايو ته اسرائيل ۽ آمريڪي صدر بائيڊن انتظاميا غزا مان يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن حماس وڏيون تجويزون پيش ڪري ٿو ته اسرائيل ان تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي.

اسرائيل مصر کي به چيو آهي ته حماس ليڊرشپ قيدين جي ڏي وٺ چاهي ٿي ته کين تمام عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻو پوندو.

ياد رهي ته والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس ست آڪٽوبر تي اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ حملن جي نتيجي ۾ اسرائيلي فوجين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 1400 سئو کان وڌيڪ مارجي ويا هئا ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ اسرائيلي فوجين ۽ شهرين کي يرغمال بڻايو ويو هو.

حماس هنيئر تائين چئن عورت قيدين کي آزاد ڪيو آهي جن ۾ ٻه پيرسن عورتون پڻ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.