نوجوان ناري همراهه کي ٻني ۾ گهرايو، ننڊ ڪرائي ڪهاڙي هڻي قتل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ عورت شادي کان انڪار ڪرڻ تي پنهنجي ننڊ پيل چاهيندڙ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اهو واقعو ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ پيش آيو جتي عورت شادي کان انڪار تي دلبرداسته ٿي ۽ خطرناڪ قدم کنيو.

20 سالن جي انجلي ڪمار پنهنجي 24 سالن جي ڌرمين کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

انجلي طرفان ڌرمين کي شادي لاءِ رشتو موڪليو ويو هو پر هن انڪار ڪيو هو.

پوليس موجب انجلي ڪاوڙ ۾ اچي ڌرمين کي قتل جو منصوبو ٺاهيو ۽ کيس ٻني ۾ گهرائي کيس ننڊ اچڻ تائين انتظار ڪيو.

پوليس موجب جيئن ئي ڌرمين کي ننڊ آئي ته انجلي ڪهاڙيون هڻي کيس قتل ڪيو ۽ لاش لڪائي ڇڏيو.

پوليس موجب مقامي ماڻهن لاش جي خبر پوليس کي ڏني جنهن بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ڪارروائي بعد انجلي کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.