عراقي عدالت صدام حسين جي ڌيءَ کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي راڄڌاني بغداد جي عدالت صدام حسين جي جلاوطن ڌيءَ کي سندس غير موجودگي ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اها سزا سندس والد جي ڪالعدم بعث پارٽي تي بحث ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏني وئي آهي، عراقي بعث پارٽي کي 2003 ۾ آمريڪي حملي جي نتيجي ۾ صدام حسين جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد ختم ڪيو ويو هو. اڃا تائين بعث پارٽي تي پابندي آهي.

عدالتي فيصلي موجب راغد صدام حسين کي ان ڏوهه ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي ته هوءَ پابندي مڙهيل بعث پارٽي جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيندي هئي. ان سلسلي ۾، 2021 ۾ راغد هڪ انٽرويو ڏنو هو جنهن کي ان جو بنياد بڻايو ويو آهي.

انهن انٽرويوز دوران هن پنهنجي پيءُ جي حڪومت جي دور ۾ سندس بعث پارٽي جي تعريف ڪئي هئي.

عراق ۾ عراقي صدام رجيم جو ڪنهن فرد طرفان تصويري ذڪر ڪرڻ، ان جي حق ۾ ڪو نعرو هڻڻ سزا جوڳو ڏوهه آهي.

بغداد ۾ عدالت صدام حسين جي ڌيءُ کي سزا ٻڌائيندي 2021 جي انهن انٽرويوز ڪو ذڪر ناهي ڪيو نه حوالو ڏنو آهي جن جي بنياد تي اها سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.