غزا تي اسرائيلي حملا جاري، 24 ڪلاڪن دوران 704 فلسطيني شهيد، مجموعي انگ 5800 ٿي ويو

غزا ( ويب ڊيسڪ ) غزا تي اسرائيل وحشياڻا حملا جاري آهن، اتر ۾ الشاتي ۽ ڏکڻ ۾ خان يونس ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن تي حملن ۾ وڌيڪ 56 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 182 ٻارن سميت وڌيڪ 704 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ست آڪٽوبر کان هنيئر تائين شهيدن جو انگ 5 هزار 800 کان ٽپي ويو آهي.
اسرائيلي هوائي فوج طرفان غزا جي الشاتي ڪئمپ تي رات دير سان بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 182 ٻارن ۽ ڪيئي عورتن سميت 436 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
ان کانسواءِ خان يونس ۾ ٽن ڪٽنبن جا 23 ڀاتي شهيد ٿيا، الفلوجا ۾ 17 ماڻهن کي جيئڻ جو حق کسيو ويو ته دير البلاح ۾ ڏهه ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا.
بيت لاحيه ۽ نوصائرت ڪئمپ تي به بمباري سبب 14 ڄڻا شهيد ٿيا، شيخ رضوان واري علائقي ۾ گهر جي ٻاهران بم ڪِرڻ سبب فلسطيني صحافي حياتي وڃائي ويٺو، جنهن بعد شهيد فلسطيني صحافين جو انگ 20 ٿي ويو آهي.
اتر لبنان تي به اسرائيل راڪيٽن سان حملا ڪيا آهن، اسرائيلي سرحدي پٽي سان ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته علائقي تي ڊرون جون اڏامون پڻ جاري آهن.
آمريڪي صدر بائيڊن کانپوءِ برطانوي وزيراعظم به غزا جي اسپتال تي حملي ۾ اسرائيل کي ڪلين چٽ ڏني آهي.
روسي پرڏيهي وزير سرهئي لاوروف جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار کي هڪ طرفو حل ڪرڻ جون ڪوششون صورتحال کي بگاڙي سگهي ٿي، اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ ۾ بنا دير جنگبندي جي ضرورت آهي.
7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جارهيت جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ پنج هزار ٻه کان وڌي ويو آهي، جنهن ۾ ٻه هزار 55 ٻار ۽ 11 سئو عورتن شامل آهن، ڪُل زخمين جو انگ پندرنهن هزار کان وڌي چڪو آهي جيڪي اسپتالن ۾ دوائن ۽ ٻارڻ جي کوٽ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، غزا ۾ 830 ٻارن سميت 1500 ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
عالمي اين جي او سيو دي چلڊرن غزا ۾ ترت جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي، سيودي چلڊرن موجب غزا پٽي ۾ اٽڪل ڏهه لک ٻار ڦاٿل آهن.
ٻئي پاسي والاريل اولهندي ڪناري ۾ به اسرائيلي حملن سبب شهيد فلسطينن جو انگ 95 ٿي ويو آهي، گذريل 15 ورهين دوران پهريون ڀيرو ايڏي وڏي انگ ۾ فلسطيني اولهندي ڪناري ۾ شهيد ٿيا آهن.
هوڏانهن اسرائيل جي هوڏ برقرار آهي، اسرائيلي وزيراعظم جي سينيئر صلاحڪار جو چوڻ آهي ته حماس يرغمال بڻايل ماڻهو ڇڏيندو تڏهن به غزا کي ٻارڻ فراهم نه ڪيو ويندو، ٻارڻ فراهم ڪيو ويو ته حماس اِهو جنگ لاءِ استعمال ڪندو.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزا ۾ لڳاتار 14 هين ڏينهن بجلي مڪمل بند آهي، بجلي، دوائن، ڊيوائس ۽ خاص طبي عملي جي کوٽ سبب اسپتالن جي صورتحال انتهائي خراب آهي.
گڏيل قومن موجب، 7 سئو مريضن جي گنجائش واري غزا جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا پنج هزار مريضن جو علاج ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.