اڳوڻن ڪپتانن افغانستان هٿان شڪست جو ذميوار بابر اعظم کي قرار ڏئي ڇڏيو!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان هٿان شڪست جو ذميوار بابر اعظم کي قرار ڏئي ڇڏيو.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي اڳوڻن ڪپتانن وسيم اڪرم، شعيب ملڪ، معين خان ۽ مصباح الحق افغانستان هٿان پاڪستان جي شڪست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

وسيم اڪرم چيو ته شڪست جو ذميوار هڪ شخص نه پر سڀ آهن، هن هار ۾ پي سي بي چيئرمين، ڪوچز، چيف سليڪٽر، ڊائريڪٽر ۽ ڪپتان سڀ برابر جي شريڪ آهن.

وسيم اڪرم جي گفتگو تي شعيب ملڪ چيو ته افغانستان هٿان شڪست جو ذميوار ڪپتان آهي جنهن تي ميزبان جو چوڻ هو ته ڪپتان ته ڪنگ بابر اعظم آهي؟ جنهن تي شعب ملڪ چيو ته بابر اعظم سٺو بيٽر آهي پر ڪپتان سٺو نه آهي.

اڳوڻي ڪپتان معين خان به شعيب ملڪ جي بيان جي حمايت ڪندي چيو ته بابر اعظم چئن سالن کان وڏن ايونٽن ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت ڪئي پر ڪٿي به سندس ڪپتاني ۾ بهتري نظر نه آئي، ڪپتان لاءِ وقت سان گڏ شين کي سکڻ جي ضرورت آهي.

هن چيوته وقت تي مخالف ٽيمن تي دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت هوندي آهي بابر ائين ناهي ڪري سگهندو، جتي وڪيٽ وٺڻي هوندي آهي اتي هو فليڊ پوزيشن ۾ ڦيرڦار ناهي ڪري سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.