ڪنگنا جي سڀ کان وڏي ڀارتي جاسوس سان سيلفي وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارت جي مشهور جاسوس سان سيلفي وٺي سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.

ڪنگنا پنهنجي ايندڙ فلم تيجس جي مشهوري لاءِ نئين دهلي پهتي آهي. راڄڌاني ويندي ڪنگنا کي جهاز ۾ ڀارتي قومي سلامتي جو صلاحڪار اجيت ڊوول ملي ويو جنهن بعد ڪنگنا اجيت ڊوول سان سيلفيون ڪڍي شيئر ڪري ڇڏيون.

اجيت ڊوول کي ڀارتي جيمز بانڊ جي طور تي سڃاتو ويندو آهي.

اجيت ڊوول سان تصويرون شيئر ڪندي ڪنگنا لکيو ته قسمت جي مهرباني آهي، اڄ جهاز ۾ مون کي تيجس جي مشهروي ڪندي هيل تائين جي عظيم شخصيت شري اجيت ڊوول سان ويهڻ نصيب ٿيو. ساڻس ملاقات عظيم شگون سمجهان ٿي.

فلم تيجز ۾ ڪنگنا رناوت مک ڪردار ادا ڪيو آهي. اها فلم 27 آڪٽوب تي ٿيٽرز ۾ رليز ٿيندي.

کنگنا کی سب سے بڑے بھارتی جاسوس کے ساتھ سیلفی وائرل - Life & Style - AAJ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.