” پنهنجا نوازيءَ ٽيم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو“ شعيب اختر پول پڌرا ڪري ڇڏيا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان هٿان شڪست تي اڳوڻو پاڪستاني فاسٽ بالر شعيب اختر ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اڃا ڪيو پنهنجا نوازي، پاڪستان ڪرڪيٽ اڄ جنهن جاءِ تي بيٺي آهي اِهو سندن پنهنجي پسند جو نتيجو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي شعيب اختر ڪرڪيٽ ٽيم ۽ مئنيجمينٽ تي سخت تنقيد ڪئي.

اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته قومون سٺن ماڻهن کي عزت ڏينديون آهن ۽ پوءِ اِهي ماڻهو تاريخ ٺاهيندا آهن، انهن ماڻهن مان ادارا جڙندا آهن، ماڻهو منهنجي برانڊ بلڊنگ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن پر برانڊ بلڊنگ حقيقت ۾ انسٽيٽيوشن بلڊنگ آهي، ان مان ئي برانڊ ٺهندا آهن.

هن چيو ته پنهنجا نوازيءَ ٽيم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، پاڪستان ڪرڪيٽ اڄ جنهن جاءِ تي بيٺي آهي اِهو سندن پنهنجي چونڊ جو نتيجو آهي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ چونڊي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.