” اسان جي بالنگ نمبر ون آهي، سڀ ميچون کٽي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين“

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر افتخار احمد چيو آهي ته هاڻي ورلڊ ڪپ جون تمام ميچون کٽي ٽاپ فور ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

افغانستان هٿان شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي افتخار احمد چيو ته هن وڪيٽ تي ٽي سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ گهرجن ها، اسان جا اسپنرز متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا.

هن چيو ته اسان جي بالنگ ورلڊ نمبر ون آهي، پر اِها اميدن موجب پرفارم ناهي ڪري رهي، اسان ٽورنامينٽ ۾ واپسي جي صلاحيت رکون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.