نواز شريف جي سزا معطلي واري فيصلي تي پ پ جو سخت ردعمل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران حڪومت طرفان نواز شريف جي سزا معطل ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو ته جيڪڏهن اهڙا ئي فيصلا ٿيڻا آهن ته عدالتن کي تالا ڇو نٿا هنيا وڃن؟ .
پ پ اڳواڻ نواز شريف کي لاڏلو پلس ۽ عمران پلس بڻجڻ جون واڌايون ڏيندي چيو ته پنجاب جي نگران سرڪار جو ن ليگ قائد جي سزا معطل ڪرڻ برو طريقو آهي.
هن چيو ته نگران حڪومت هر اِهو ڪم ڪري رهي آهي جيڪيو کيس نه ڪرڻ گهرجي، نگران حڪومت ڏوهارين کي رليف ڏيڻ نه چونڊون ڪرائڻ آئي هئي ۽ نواز شريف جي سزا معطلي جي منظوري ڏيڻ نگران پنجاب ڪابينا جو ڪم ناهي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي ان جانبداري جو نوٽيس وٺي ڇو ته هاڻي چٽو نظر اچي رهيو آهي عمران خان پلس لاءِ ميدان سجايو پيو وڃي.
پ پ اڳواڻ سوال اُٿاريندي چيو ته پنجاب جي جيلن ۾ پيل ٻين ڪيترن ڏوهارين جي سزا پنجاب جي نگران ڪابينا معطل ڪئي؟ انوکو لاڏلو کيڏڻ لاءِ چنڊ گهرندو ته ڇا نگران حڪومت کيس چنڊ آڻي ڏيندي؟ نگران حڪومت کي ٻين قيدين جي سزا به معطل ڪرڻ گهرجي، نواز شريف کان وڌيڪ رليف سندن حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.