”محمد نالو هجڻ تي جهاز ۾ سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو “

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نالي ۾ محمد لفظ هجڻ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبر محمد ياسين کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل هفتي هيڊ فورڊ کان برطانوي پارليامينٽ رڪن محمد ياسين ايم پي کي لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي ڪئناڊا جي اُڏام تي سوار ٿيڻ کان روڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته محمد ياسين کي گهڻي دير تائين روڪي سوالن کانپوءِ وڃڻ ڏنو ويوم کيس ڪامنز سان گڏ ڪئناڊا وڃڻو هو.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته محمد ياسين کي ايم پي کي ڪئناڊا کان واپسيءَ تي به اضافي سوال ڀوڳڻا پيا، کيس ٻڌايو ته سندس نالو محمد هئڻ سبب کيس روڪيو ويو.

ليبر ڪميٽي جي سربراهه ڪلائيو بيٽس پارليامينٽ کي ٻڌايو ته گذريل هفتي پيش آيل واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، واقعو اسلامو فوبڪ هجڻ سبب برطانيا ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪميشن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويندو.

ڪلائيو بيٽس موجب، محمد ياسين کان پڇيو ويو ته هو ڪٿي ڄائو، چاقو يا ڪو ٻيو هٿيار ته کڻي ناهي وڃي رهيو.

ٻئي پاسي محمد ياسين سان ڪينيڊين اميگريشن جي پارليامينٽري سيڪريٽري ۽ ائير ڪئناڊا طرفان معذرت ڪئي وئي آهي.

ڊپٽي اسپيڪر راجر گيل جوچوڻ آهي ته پارلياماني ڪم لاءِ سرڪاري دوري ۾ اهڙي قسم جو واقعو پيش اچڻ ناقابلِ قبول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.