فلسطين صورتحال تي هالي ووڊ اداڪار به ڪاوڙيل، آمريڪي صدر کي خط لکي ڇڏيو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ حماس جي جنگ بندي جي حوالي سان هالي ووڊ انڊسٽري جي اداڪارن ۽ اداڪارائن کانسواءِ مشهور شخصيتن جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو.
مينڊي پٽنڪن ۽ ايلانا گليزر سوڌو ڪيترن ئي ماڻهن غزا جي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن. 750 ليکڪن ۽ فنڪارن جي صحيحين تي ٻڌل خط ۾ غزا واسين خلاف وڌندڙ تشدد جي مذمت ڪئي وئي آهي.
ڪيٽ بلانچيٽ، فلورنس پڪ، ريمي يوسف، مهر شالا علي ۽ رز احمد سوڌو هالي ووڊ جي 50 کان وڌيڪ مشهور شخصيتن جمعي جي ڏينهن آمريڪي صدر جو بائيڊن کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ هن تي زور وڌيو ويو آهي ته هو حماس ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪري.
خط ۾ چيو ويو اهي ته اسان اوهان جي انتظاميا ۽ سڀني عالمي اڳواڻن تي زور ڏيون ٿا ته مقدس زمين ۾ حياتين جو احترام ڪريو ۽ بنا دير جنگ بندي جو مطالبو ڪريو جنهن ۾ غزا تي بمباري جو خاتمو ۽ يرغمالين جي حفاظت سان آزادي شامل آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.