ڪراچي ۾ اوچتو مينهن وسي پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ ۾ اوچتو ڪڪر ڇانئجي ويا، تيز هوائن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي گجگوڙ سان طوفاني برسات ٿي وئي.

شهر جي اترين علائقن ۾ موٽر وي ايم نائن، ڪاٺور، ڊي ايڇ اي سٽي، گڊاپ ٽائون سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اوچتو گجگوڙ سان برسات شروع ٿي وئي.

چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب برسات لوڪل ڊولپمينٽ تحت ٿي آهي.

بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر جي موجوده اڳڪٿي موجب ايندڙ 3 ڏينهن دوران شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته بلوچستان جي اتر اولهه طرف کان سامونڊي هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب هن وقت شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.