گهڻا سيڪڙو پاڪستاني نواز شريف جي واپسي کي ڊيل جو نتيجو سمجهن ٿا؟ سروي جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 38 سيڪڙو پاڪستانين نواز شريف جي ڏيهه واپسي کي ڊيل جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 27 سيڪڙو ان راءِ کي رد ڪري ڇڏيو.
گيلپ پاڪستان طرفان جاري ٿيندڙ سروي رپورٽ موجب 30 سيڪڙو پاڪستانين کي ملڪي معاشي بحران جي حل لاءِ نواز شريف مان اميدون آهن، 22 سيڪڙو تحريڪ انصاف چيئرمين کي واحد اميد قرار ڏنو، جڏهن ته 30 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ آهي ته معاشي بحران جو ڪو حل ناهي.
سروي موجب نواز شريف جي مينار پاڪستان تي تقرير 34 سيڪڙو پاڪستانين ٻڌي، 80 سيڪڙو تقرير جي تعريف ڪئي، جڏهن ته 50 سيڪڙو پاڪستانين نواز شريف جي ڏيهه واپسي کي ملڪي مستقبل لاءِ بهتر قرار ڏنو.
سروي ۾ 51 سيڪڙو ماڻهن چيو ته نواز شريف جي واپسي ن ليگ جي چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، 38 سيڪڙو پاڪستانين نواز شريف جي واپسي کي ڊيل جو نتيجو قرار ڏنو، جڏهن ته 27 سيڪڙو ان راءِ کي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.