عوامي آواز مسڪينن جي ڀرجهلي، ٻڌڙي پيءُ ماءُ کي پنهنجو اجهو ملي ويو

مٺياڻي ويجهو نافرمان پٽ پاران ٻڍڙي ماءُ ۽ پيءُ تي تشدد ڪري گهران ڪڍڻ واري خبر عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نوٽيس ورتو.

ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج قمرالدين عباسي جي نوٽيس تي پوليس ٻڍڙي پيءُ ماءُ تي تشدد ڪندڙ نافرمان پٽ خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار جي گرفتاري بعد پيرسن جوڙي کي سندن گھر به واپس ملي ويو، پيرسن غلام شبير ۽ سندس زال عوامي آواز جا ٿورا مڃيندي سٿ کي دعائون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.