خيرپور: گودوشاپ جي رهواسين جو گھر تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

خيرپور جي علائقي گودوشاپ جي رهواسين گھر تي مبينا قبضي ۽ بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو آهي.

نويد عباسي، مسمات رفيه، مسمات ناديه ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته بااثر منور، لطف عباسي ۽ ٻين سندن گھر تي قبضو ڪيو آهي ۽ کين روز ٽارچر ڪري ڌمڪايو پيو وڃي.

احتجاج ڪندرن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گھر تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.