ڏوڪري ڀرسان موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربند پيٽرول پمپ جي ملازمن کي يرغمال بڻائي لکين رپيا ڦرار فرار ٿي ويا.
8 هٿياربندن سوهو پيٽرول پمپ تي چڙهائي ڪري عملي کي يرغمال بڻائي 30 لک رپيا روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ملازمن کان تفصيل ورتا.
پئٽرول پمپ جي مالڪ پروفيسر سراج احمد سوهو ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان ڪيو ته پئٽرول پمپ تي ڌاڙو هڻندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.
جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.