بدين: ايس ٽي پي جو ايس ٽي پي جي اڳواڻ جي ڀاءُ کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف احتجاج

بدين ۾ سنڌ ترقي پسند پاران ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀاءُ سلمان ڪيريو کي مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

غلام قادر مراداڻي، رسول بخش چانگ سومرو ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ڪارڪن بدين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس پارٽي اڳواڻ نثار ڪيريو جي ڀاءُ سلمان ڪيريو کي گرفتار ڪرڻ جي ٻن ڏينهن بعد ٽنگن ۾ گوليون هڻي مقابلو ڄاڻايو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.