ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ايڊورٽائزنگ ايسوسيئيشن جي نائب صدر ۽ جرمن پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي سينيئر نائب صدر سليم خان تنولي يورپي يونين طرفان پاڪستان جي جنرلائزڊ سسٽم آف پريفرنسز (جي ايس پي) پلس اسٽيٽس ۾ چئن سالن جي واڌ پاڪستان حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.
سليم خان تنولي چيو آهي ته يورپي يونين جو اهو اهم فيصلو پاڪستان جي انساني حقن ۽ ماحولياتي حفاظت جي ضابطن جي پاسداري جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ گڏيل واپار ۽ معاشي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن سهولت سان درآمدن جا موقعا وڌڻ سان گڏ ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته تازو ملندڙ واڌ پاڪستان جي بهتر حڪمراني ۽ ترقي جي اصولن تي اثرائتي عملدرآمد لاءِ اعتماد جي مهر آهي.
You might also like