ورلڊ ڪپ :بابر اعظم چنائي ۾ ڪرڪيٽ شوقينن جون دليون کٽي ورتيون!

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم افغانستان خلاف ميچ ۾ ڪرڪيٽ شوقينن جون دليون کٽي ورتيون جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ئي.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران بابراعظم جوتي جي ڪهي کُلي وئي جنهن کانپوءِ محمد نبي اڳتي وڌيو ته بابر فوري طور پوئتي هٽي ويو ۽ کيس جوتي جي ڪهي نه ٻڌڻ ڏني.

محمد نبي ٻيهر ڪوشش ڪئي ته بابر اعظم کيس پنهنجي جوتن تي هٿ لائڻ به نه ڏنو.

بابر اعظم جي وڊيو سوشل ميڊياتي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ پرستار سندس ان عمل تي ساراهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.