” بابر اعظم جي ويرات ڪوهليءَ سان ڀيٽ چريائپ آهي“

ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي لڳاتار پنجين ڪاميابي ماڻي سميي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪري ورتي آهي جڏهن ته جڳ مشهور بيٽر ويرات ڪوهلي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ جي فهرست ۾ محمد رضوان ۽ روهت شرما کي پوئتي ڇڏي پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي.

هن گذريل رات نيوزيلينڊ خلاف 274 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙيندي 95 رنسن اسڪور ڪيون ۽ سينچري کان گُسي پيو، ان کان اڳ واري ميچ ۾ هن بنگلاديش خلاف سينچري اسڪور ڪئي هئي.

ويرات ڪوهلي جي سموري نمايان ڪارڪردگي ۽ ڀارتي ٽيم لاءِ سندس سهڪار باوجود سوشل ميڊيا تي هڪ اهڙي ٽرول آرمي نظر اچي ٿي جيڪا سندس خلاف لکڻ کان ڪڏهن ناهي مڙندي.

گذريل سال جڏهن پنهنجي سينچري پوري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ بائونڊري تي ڪيچ ڏئي ويٺو ته ڪيئي واهپيدارن کيس سيلفش يعني خود غرض ۽ چوڪلي جهڙن لقبن سان نوازيو.

هڪ پاسي جتي ڪوهلي کي گاٽ يعني گريٽسٽ آف آل ٽائم چوڻ وارن جي کوٽ ناهي اتي ڪيئي اهڙا ماڻهو کيس ” چوڪلي “ يعني سندس نالي جي مناسبت سان ” چوڪر “ پڻ چئي رهيا آهن.

ويرات ڪوهلي جيڪڏهن ڪالهه سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته هوڀارتي ڪرڪيٽ ۾ ديوتا جو درجو رکندڙ سچن ٽنڊولڪر جي 49 سينچرين وارو رڪارڊ برابر ڪري وٺي ها.

ڪوهلي هدف جو ڪاميابي سان پيڇو ڪرڻ جي معاملي تي ۾ سڀ کان اڳتي آهي ۽ سندس رڪارڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي، هن ڪاميابي سان هدف جو پيڇو ڪندي 96 اننگز ۾ 5786 رنسون ٺاهيون آهن جنهن ۾ 23 سينچريون ۽ 25 ففٽيون شامل آهن سندس ايوريج 90 رنسن کان وڌيڪ آهي.

نيوزيلينڊ خلاف ميچ دوران ٽي وي اسڪرين تي سندس ڪارناما بار بار پيش ڪيا ويا.

وپن تيواري نالي هڪ واهپيدار ڪوهلي ۽ بابر اعظم جي ڀيٽ ڪندي لکيو ته” بابر اعظم پنهنجي سموري ون ڊي ڪيريئر ۾ 5492 رنسون ٺاهيون آهن جڏهن ته ڪوهلي صرف ڪاميابي سان هدف جو پيڇو ڪندي 5785 رنسون ٺاهيون آهن، تنهنڪري پلاسٽ جي بادشاهه سان مقابلو نه ڪرڻ گهرجي“ .

جيتوڻيڪ بابر اعظم فلحال ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر هڪ آهي پر ويرات ڪوهلي پنهنجي هعصرن ۾ سڀ کان اڳتي آهي، هن 274 اننگز ۾ 13437 رنسون اسڪور ڪيون آهن جنهن ۾ 48 سينچريون ۽ 69 ففٽيون شامل آهن.

هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ هو پنج اننگز دوران 354 رنسن سان سرِ فهرست آهي ۽ سندس ايوريج 118 رنسن جي آهي، ان کانپوءِ روهت شرما 311 رنز ۽ محمد رضوان 294 رنسن سان ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي موجود آهن روهت جي ايوريج 62 آهي جڏهن ت ه محمد رضوان 98 جي ايوريج سان رنسون ٺاهين آهن پر هن ٻنهي ڀارتي بيٽرن کان هڪ ميچ گهٽ کيڏي آهي.

ان کان اڳ 19 آڪٽوبر تي بنگلاديش خلاف ٿيل ميچ ۾ ويرات ڪوهليءَ کي سينچري مڪمل ڪرڻ لاءِ 26 رنسون گهربل هيون جڏهن ته ڀارت کي کٽڻ لاءِ به ايتريون ئي رنسون کپن پيون.

ساڻس گڏ ٻئي اينڊ تي موجود ڪي ايل راهول رنسون نه ٺاهي ڪوهلي کي سينچري مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪوهلي ميچ کٽي مين آف دي ميچ جو انعام ماڻيو، اِها سندس هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ 48 هين سينچري هئي.

گذريل ڏينهن به نيوزيلينڊ خلاف کيس سينچري لاءِ 13 رنسون گهربل هيون ۽ ڀارت کي کٽڻ لاءِ به ايتريون رنسون گهرجن پيون، ٻئي اينڊ تي موجود رويندر جاڙيجا کيس سينچري ٺاهڻ جو موقعو ڏئي رهيو هو پر هو 49 هين اوور ۾ سينچري مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

جنهن کانپوءِ ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدارن لکيو ته هنن ” ڪوهلي کان وڏو خود غرض ناهي ڏٺو“ .

گهڻي قدر ماڻهن اِهو چيو ته روهت جون 46 رنسون ڪوهليءَ جي 95 رنسن کان بهتر آهن ڇو ته ڪوهلي کان وڏو خود غرض ڪو ٿي نٿو سگهي.

جڏهن ته ڪيئي واهپيدارن 95 رنسن تي سندس آئوٽ ٿيڻ ۽ سينچري مڪمل نه ڪرڻ تي لکيو ته ” هر خودغرض جو اهڙو ئي انجام ٿيندو آهي، ۽ ڪرڪيٽ خوڊ غرضن لاءِ نه آهي“ .

اهڙن ڪيئي ٽوئيٽ جي جواب ۾ اروند دساري نالي هڪ صارف لکيو ته ” کيس خودغرض چوڻ بند ڪريو، جيڪڏهن هن 95 رنسون نه ٺاهيون هجن ها ۽ هڪ پاسي وڪيٽ کي بچائي نه رکي هجي ها ته ڀارت کي شڪست ٿي پئي سگهي “ .

چيتن نالي هڪ صارف ڪي ايل راهول جو بيان لکت ۾ پوسٽ ڪندي چيو ته هي انهن لاءِ جيڪي ڪوهليءَ کي خودغرض چون ٿا، ان بيان موجب ڪي ايل راهول چيو ته ” مون هڪ رنسن وٺڻ کان منع ڪيو ته ڪوهليءَ چيو ته جيڪڏهن اوهان سنگل نه وٺندا ته ماڻهو چوندا ته مان پنهنجي ذاتي رڪارڊ لاءِ کيڏي رهيو آهيان، جنهن تي مون کيس چيو ته اسان آرام سان ميچ کٽي رهيا آهيون اوهان پنهنجي سينچري مڪمل ڪريو“ .

کے ایل راہل کا بیان

اهڙي طرح هڪ واهپيدار لکيو ته ” گذريل رات جڏهن ته ڪوهلي 74 رنسن تي هو ۽ جاڙيجا ڇڪو هنيو ته ڪوهلي کيس داد ڏيندو رهيو، جيڪي ماڻهو کيس خود غرض يا چوڪلي چئي رهيا آهن کين ڏسڻ گهرجي“ .

ڪجهه ماڻهن سوريا ڪمار ياديو جي رن آئوٽ جي وڊيو پوسٽ ڪندي لکيو ته ” اوهان خود غرضي جو مثال ڏسي سگهو ٿا“ .

بهرحال ورلڊ ڪپ پنهنجي ٻئي اڌ داخل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ مقابلا وڌيڪ سخت ٿيندا پيا وڃن اهڙي صورتحال ۾ هر رانديگر جي ڪارڪردگي تي کتل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.