شاگرد ملڪ کي پيش چئلينجن جو پتو لڳائين ۽ انهن جو حل ڳولين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي گريجوئيٽ ڪندڙ شاگردن جي ذميواري آهي ته اهي ملڪ کي پيش چئلينجن جو پتو لڳائين ۽ ان جو تجزيو ڪري پنهنجا فڪري وسيلا استعمال ڪري حل ڳولين.
آءِ ايس پي آر موجب نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جو ساليانو ڪانووڪيشن يونيورسٽي جي مک ڪيمپس اسلام آباد ۾ ٿيو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊلز سان نوازيو ۽ گريجوئيٽس کي دلي مبارڪباد ڏني.
تقريب سان خطاب ڪندي آرمي چيف چيو شاگردن تي فرض آهي ته اهي ملڪ کي پيش چئلينجن جو پتو لڳائين ۽ انهن جو حل ڳولين، نسٽ قوم جا بهترين معمار تيار ڪري رهي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ڪانووڪيشن ويڪ ۾ بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي شاگردن ڊگريون حاصل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.