امام الحق گهوٽ بڻجڻ لاءِ تيار، شادي جي تاريخ ۽ ڪنوار جا تفصيل سامهون اچي ويا

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ اوپننگ بيٽر امام الحق جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ شادي ٿيندي جنهن جي تاريخ به سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب، امام الحق جي شادي جون تقريبون 23 نومبر کان لاهور ۾ شروع ٿينديون، امام الحق جي شادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قوالي نائيٽ واري تقريب 23 نومبر تي ٿيندي.

امام جي نڪاح جي تقريب 25 نومبر تي طئي ڪئي وئي آهي جڏهن ته قومي ڪرڪيٽر جو وليمو 26 نومبر تي لاهور ۾ ٿيندو.

امام الحق جي شادي ناروي جي شهريت رکندڙ عورت سان ٿيندي جنهن ۾ ڪرڪيٽر پرنس ڪوٽ پائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.