ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) طرفان شهر جي سڀ کان وڏي رهائشي پراجيڪٽ بحريا ٽائون ۾ ملڪيت جي خريد، وڪرو ۽ اشتهاري مهم روڪڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ايس بي سي اي بحريا ٽائون جا چيڪ بائونس ٿيڻ تي ملڪ رياض ۽ علي رياض ملڪ خلاف ڪيس به داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي موجب ميسرز بحريا ٽائون جي وڪري ۽ اشتهاري مهم جو اين او سي ڪينسل ڪيو ويو آهي.
اداري طرفان جاري ڪيل خط ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر پبلڪ سيل اينڊ ايڊورٽائزمينٽ بحريا ٽائون پراجيڪٽ جو اين او سي رد ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايس بي سي اي جي خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميسرز بحريا ٽائون اسڪروٽني جي مد ۾ رهتون ادا نه ڪيون آهن، ڪيترائي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود ادائيگي نه ڪئي وئي، شوڪاز نوٽيس جو جواب نه اچڻ ۽ رهتون ادا نه ڪرڻ سبب اين او سي رد ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن گلشن اقبال پوليس اسٽيشن ۾ بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض ۽ علي رياض خلاف چيڪ بائونس ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.
بحريا ٽائون ڪراچي ۾ ملڪيت جي خريد ۽ وڪرو روڪڻ جا حڪم جاري، ملڪ رياض تي ڪيس داخل
You might also like