ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته غير قانوني طور رهندڙن کي وقت ڏنو ويو هو، جيڪو به پهرين نومبر تائين نه ويو ته ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حارث نواز چيو ته جيڪو هوائي جهاز ذريعي وڃڻ چاهي ته ان لاءِ به انتظام ڪري رهيا آهيون، اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڊيزل، آئل، سوپاري سميت ٻي سمگلنگ روڪنداسين.
هن چيو ته پرڏيهين بابت انهن جي قونصليٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي، جن وٽ ڊاڪومينٽس نه هوندا، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اسان هڪ قوم خلاف ڪارروائي نه پيا ڪيون.
سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ اسان کي پنهنجي ملڪ جون حالتون ٺيڪ ڪرڻيون آهن، سياسي جماعتن کي به سوچڻ گهرجي، ان تي سياست نه ڪئي وڃي، سياسي جماعتون رنڊڪ نه بڻجن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اها پاڪستان سان جنگ سمجهي ويندي.
You might also like