ڀارتي پچز بالرن لاءِ مددگار نه آهن: شاهين آفريدي

چنائي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته ٻه ميچون هارائڻ سان ٽورنامينٽ ختم ناهي ٿي، اڃا پنج ميچون باقي آهن ۽ اسان هتي تاريخ رقم ڪرڻ آيا آهيون.

فاسٽ بالر شاهين آفريدي افغانستان خلاف ميچ کان اڳ پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي پاڪستاني ٽيم سان سلهاڙيل اميدن جو پتو آهي ۽ انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان بي چين آهيون، ٻه ميچون هارائڻ سان ٽورنامينٽ ختم ناهي ٿي، اڃا پنج ميچون باقي آهن ۽ اسان هتي تاريخ رقم ڪرڻ آيا آهيون.

هن چيو ته ڪيچ ڊراپ ٿيڻ راند جو حصو آهي، اساما مير جي پهرين ميچ هئي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙن موقعن تي ڪيچز اهم هوندا آهن، هڪ ڊراپ ڪيچ سبب اوهان ڪنهن تي الزام نٿا مڙهي سگهو.

شاهين آفريدي چيو ته اِها ٽيم گيم آهي ۽ اسان ٽيم طور کٽيندا يا هارائيندا آهيون.

هن چيو ته ڀارتي پِچون بالرن لاءِ مددگار نه آهن، ڀارت ۾ بالنگ دوران ايتري سوئنگ نٿي ملي جيتري انگلينڊ، آسٽرليا يا نيوزيلينڊ ۾ ملندي آهي.

فاسٽ بالر وڌيڪ چيو ته ڀارت جون پچون بائونسي ناهن جنهنڪري هتي اسان کي هاءِ اسڪورنگ ميچون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.