غزا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، ٽينڪ ۽ بلڊوزر تباهه, اسرائيلي فوجي گاڏيون ڇڏي فرار

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطينين مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز عزا جي سرحد ويجهو اسرائيلي حملي کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
آمريڪي ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته غزا ۾ اسرائيل فوج ۽ حماس وچ ۾ خان يونس جي سرحدي علائقي ۾ چڪريون ٿيون آهن.
القسام برگيڊز موجب چڪرين ۾ اسرائيلي فوج جا ٻه بلڊوزر ۽ هڪ ٽينڪ کي تباهه ڪيو ويو، چڪرين بعد اسرائيلي فوجين کي پنهنجين گاڏين کانسواءِ پوئتي هٽڻو پيو ۽ اسرائيلي فوجي گاڏيون ڇڏي اسرائيلي حدن ۾ واپس ڀڄي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوج جي غزا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، اسرائيلي فوج غزا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڀت جي مرمت لاءِ وڃڻ چاهي پئي ته اسرائيلي فوج جو ٽينڪ فلسطينين جي ور چڙهي ويو ۽ اسرائيلي فوج فائرنگ جي وڪڙ ۾ اچي ٽينڪ ڇڏي ڀڃڻ تي مجبور ٿي وئي.
ٻي پاسي اسرائيل به غزا جي سرحد ويجهو پنهنجي هڪ ٽينڪ تباهه ٿيڻ تي تصديق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.