اڳوڻو ڀارتي ڪپتان بشن سنگهه بيدي ديهانت ڪري ويو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽر بشن سنگهه بيدي 77 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب، اڳوڻي آف اسپنر بشن سنگهه بيدي ڊگهو عرصو مختلف مرضن سان جهيڙيندو رهيو، گذريل سالن دوران سندس ڪجهه سرجريون به ٿيون، پر سندس صحت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.

بشن سنگهه بيدي پنهنجو ٽيسٽ ڊيبيو 1966ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ڪيو ۽ پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ 1979 ۾ اوول ۾ انگلينڊ خلاف کيڏي هئي.

اڳوڻي آف اسپنر 67 ٽيسٽ ميچن ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ هن 266 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ان کانسواءِ بشن سنگهه بيدي 22 ٽيسٽ ميچن ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.