عزا تي وحشياڻي بمباري جاري، 1 ڏينهن ۾ 400 فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي غزا تي لاڳيتو 24 ڪلاڪ جاري بمباري ۾ وڌيڪ 400 فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن سبب 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيل چڪرين ۾ هيل تائين شهيدن ٿي ويلن جو گڏيل انگ 4 هزار 600 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل غزا جي علائقي الجباليه جي پناهگير ڪيمپ کي نشانو بڻايو. ان علائقي ۾ هڪ اسپتال ۽ هڪ تاريخي مسجد به بمباري ۾ شهيد ٿي وئي آهي.
الجباليه ۾ اسرائيلي جي 24 ڪلاڪن دورن ڪيل بمباري ۾ 400 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي آهن. القدس ۽ الشفا اسپتالون تباهه ٿي ويون.
7 آڪٽوبر کان اسرائيل جي غزا تي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو گڏيل انگ 4 هزار 700 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو گڏيل انگ 15 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي.
اهڙيءَ طرح اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي ڪارروائي ۾ ٻه فسلطيني نوجوان شهيد ٿي ويا، اولهه ڪناري ۾ شهيد ٿيل نوجوانن جو انگ 10 کان وڌي ويو آهي.
گذريل ڏينهن اسرائيل هڪ ڀيرو وري غزا جي اتر علائقن مان ماڻهن کي نڪرڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪا شهري غزا منتقل نه ٿيا انهن کي حماس جو حامي سمجهيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.