چنائي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ( ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ) ۾ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون.
بابر اعظم قومي ٽيم جي اڳوڻي ليجنڊري بيٽر جاويد ميانداد کانپوءِ هزار رنسون ٺاهيندڙ ٻيو پاڪستاني بيٽر بڻجي ويُ آهي، هن سومر تي چنائي ۾ افغانستان خلاف ميچ ۾ اِها ڪارنامو انجام ڏنو.
جاويد ميانداد اِهو ڪارنامو 28 اننگز ۾ جڏهن ته بابر اعظم 26 دفعا بيٽنگ ڪري انجام ڏنو آهي.
بابر اعظم هن وقت پنهنجو چوٿون عالمي ڪپ کيڏي رهيو آهي، هو ورلڊ ڪپ 2019، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022 ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
بابر اعظم 2019ع واري عالمي ڪپ ۾ اٺ اننگز ۾ 474 رنسون ٺاهيون هيون جيڪي ميگا ايونٽ جي تاريخ ۾ ڪنهن به پاڪستاني بيٽر طرفان سڀ کان وڌيڪ اسڪور هو.
قومي ٽيم جي ڪپتان هلندڙ عالمي ڪپ جي پنج ميچن ۾ هنيئر تائين صرف 157 رنسون ٺاهي سگهيو آهي جنهن ۾ افغانستان خلاف 74 ۽ روايتي مخالف ڀارت خلاف 50 رنسون اسڪور ڪيون.