نواز شريف جي نالي سان جلا وطن نٿو ٺهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته نواز شريف علاج لاءِ ٻاهر ويو هو ۽ جڏهن ڊاڪٽرن کيس صحتمند قرار ڏنو ته موٽي آيو، جلا وطن جو لفظ نٿو ٺهي.
ڪراچي ۾ گفتگو ڪندي سعيد غني چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ن ليگ جا ماڻهو شامل آهن، پنجاب جي حڪومت ن ليگ جي مرضيءَ سان هلندي آهي، چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سميت سڀني جماعتن کي هڪ جهڙا موقعا ملڻ گهرجن.
هن چيو ته 2018 ۾ عمران خان کي لاڏلو بڻائي پيش ڪيو ويو، اڄ ڪنهن ٻئي کي لاڏلو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي، لاڏلو بڻائڻ تي اسان کي ڪالهه به اعتراض هو ۽ اڄ به آهي.
سندس موجب ن ليگ چاهيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ هجي ۽ پارٽي تي پابندي هجي پر پ پ جي اهڙي سوچ نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.