فلسطين اسرائيل جنگ، چين وچ اوڀر ۾ 6 جنگي جهاز مقرر ڪري ڇڏيا

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني بچاءَ واري وزارت اسرائيل فلسطين تڪرار ۾ اضافي کان پوءِ وچ اوڀر ۾ پنهنجا 6 جنگي جهاز مقرر ڪري ڇڏيا.
چيني اخبار موجب عمان جي سامونڊي فوج سان گڏيل مشقن بعد چيني ٽاسڪ فورس اڻڄاتل هنڌ ڏانهن روانو ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر ۾ چين طرفان 6 سامونڊي جنگي جهاز مقرر ڪرڻ کي غير معمولي اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته مقرر ڪيل جهازن ۾ ٽائيپ 052 ڊي گائڊڊ ڊيسٽرائر زيبو، فريگيٽ جنگ زبو ۽ سپلاءِ شپ چنڊاهو به شامل آهن.
برطانوي ميڊيا موجب جهازن جي ڪمانڊ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ 45 هين ايسڪارٽ ٽاسڪ فورس جي حوالي ڪئي وئي هئي، چيني فوج جي ناردرن ٿيٽر ڪمانڊ ۾ موجود جهازن ۾ ٽائيپ 052 ڊيسٽرائر اورومڪي، فريگيٽ لينيي ۽ سپلاءِ شپ ڊونگ پنگ هو به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.