آمريڪا انڌو ٿي ويو، اسرائيلي ڪارروايون دفاع قرار

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان غزا تي حملن ۾ تيزي کان پوءِ آمريڪي صدر جوبائيڊن اهم اولهه ملڪن جي اڳواڻ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ورتو.
وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر برطانيا، ڪئناڊا، فرانس، جرمني ۽ اٽلي جي اڳواڻن سان اسرائيل فلسطين جنگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، وائيٽ هائوس طرفان ڳالهه ٻولهه جا وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
هوڏانهن آمريڪي صدر بائيڊن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، اسرائيلين جي حفاظت لاءِ اسرائيل کي گھربل سموريون ضرورتون پوريون ڪرڻ کي يقيني بڻائينداسين.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو سان به رابطو ڪيو آهي ۽ اسرائيل غزا تڪرار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آمريڪي صدر لکيو ته اسرائيلي وزيراعظم کان جنگي قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي ڳالهايو آهي ۽ چيو آهي ته جنگ ۾ شهرين جي حياتين جو وڌ کان وڌ تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
آمريڪي صدر چيو ايه ته امن سان جيئڻ جي خواهش رکندڙ معصوم فلسطينين کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، انهيءَ ڪري غزا جي فلسطينين لاءِ انساني امداد جي فراهمي جو معاهدو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.