ورلڊ ڪپ: ڀارتي ڪپتان سميت ڪيئي رانديگر اوچتو ٽيم ڇڏي ڏني!

ڌرمشالا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتو پنجين ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ ڪپتان روهت شرما سميت ڪيئي ڀارتي رانديگر موڪل تي هليا ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب، آچر تي نيوزيلينڊ خلاف ڪاميابي کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) پنهنجي رانديگرن کي شارٽ بريڪ ڏني آهي جنهن کانپوءِ ڪيئي ڪرڪيٽرز ٽيم موڪل تي هليا ويا آهن.

ٽيم ڇڏيندڙن ۾ ڪي ايل راهول، شرياس ائير، جسپريت بُمرا، ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ ٻيا رانديگر شامل آهن، وقفو ملندي ئي ڀارتي رانديگر پنهنجي فيمليز ڏانهن هليا ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب، شارٽ بريڪ ڀارتي ٽيم جي ايندڙ ميچ ۾ وقفي جي ڪري ملي، ڀارت ايندڙ ميچ 28 آڪٽوبر تي انگلينڊ خلاف کيڏندو.

ڀارتي رانديگر هاڻ 26 آڪٽوبر تي لکنئو ۾ گڏجندا، ايشيا ڪپ کان لڳاتار ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب ڀارتي رانديگرن کي موڪل ملي.

ياد رهي ته ڀارت 22 آڪٽوبر تي ڌرمشالا ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيويز کي چئن وڪيٽن تان هارايو، ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم هينئر تائين ناقابلِ شڪست آهي، ڀارت پنج ئي ميچون کٽي پوائنٽ ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن ماڻي ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.