مرد تي اعتبار ڪجي يا نه؟ ڄاڻڻ لاءِ عورتن کي اهم صلاح

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪٿي هي شخص مون کي ڪنٽرول ته نه ڪندو؟ ڇا هن شخص تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو؟

اڪثر عورتن کي ڪنهن مرد بابت اهڙا وسوسا اچي سگهن ٿا، ان حوالي سان رليشن شپ جي ماهر پاران کين صلاح ڏني وئي آهي.

ڪيليفورنيا جي رهواسڻ 28 سالن جي زمريا نالي ناري پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيل وڊيو ۾ عورت کي هڪ سوال جو جواب ٻڌائيندي اهو طريقو ٻڌايو ته هو ڪنهن شخص بابت ڪيئن ڄاڻي سگهن ٿيون ته اهو ڪنٽرولنگ (عورتن کي قابو ۾ رکڻ جي خواهش وارو مرد) آهي يا نه.

زمريا چوي ٿي ته عورتن کي گهرجي ته ڪنهن شخص سان پهرين ملاقات ۾ کانئس پڇن ته اهو ٻلين بابت ڇا سوچي ٿو؟ جيڪڏهن هو ان سوال جو جواب سخت رد عمل ۾ اڻ وڻندڙ طور ڏئي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ساڻس ٻي ملاقات ئي نه ڪريو ڇو ته ٻلين بابت سخت رد عمل رکندڙ مرد ڪنٽرولنگ هوندا آهن ۽ پنهنجي شريڪ حيات کي قابو ۾ رکڻ ۽ هر حڪم جي پورائي وارو رويو رکندا آهن.

زمريا موجب اها منهنجي ٿيوري آهي ۽ ان کي مان وري وري تجربا ڪري ثابت ڪري چڪي آهيان جيڪي مرد ٻلين کان نفرت ڪندا آهن اهي هر شئي کان نفرت ڪندا آهن جنهن کي هو ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.