فلسطينين جو حال ٻڌائيندڙ صحافين جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند

سوشل ميڊيا پليٽ فارمز غزا ۾ اسرائيلي ظلمن ڌر وٺندي غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري جو شڪار معصوم ٻارن ۽ فلسطينين جو احوال ٻڌائيندڙ فلسطيني رپورٽر جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪري ڇڏيا.
فلسطيني صحافي معتز عزايزا غزا تي اسرائيلي بمباري بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت وخبر ڏيندو رهندو هو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (ٽوئيٽر) نالي واهپيدار پنهنجي پوسٽ ۾ فلسطيني صحافي جي هڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ٻه ڪلاڪ اڳ معتز عزايزا اها وڊيو پوسٽ ڪئي هئي جڏهن هو فلسطيني بمباري جو نشانو بڻايل ٻارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
فاطما ڀٽو به فلسطيني صحافي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي بند ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.
فاطما ڀٽو جو چوڻ هو ته معتز عزايزا غير معمولي صحافي آهي پر اها خوفناڪ ڳالهه آهي ته دنيا سڀ ڏسي رهي آهي ۽ پوءِ پابنديون لڳائي رهي آهي.
ان کان اڳ غزا جنگ بابت اسٽوري پوسٽ ڪرڻ تي انسٽاگرام عالمي انويسٽيگيٽو رپورٽنگ لاءِ 2022ع ۾ پوليٽزر پرائز جهڙي ناليواري صحافي عظمت خان جو اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو.
عورت آمريڪي صحافڻ عظمت خان جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي غزا جنگ بابت اسٽوري پوسٽ ڪرڻ بعد هن جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيڊو پابندي لڳائي وئي يعني کيس ٻڌائڻ کانسواءِ سندس اڪائونٽ بلاڪ ڪيو ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته هن جي ڪيترن ئي ساٿين ۽ صحافين جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي به شيڊو پابنديون لڳايون پيون وڃن.
عظمت خان جو چوڻ هو ته اهو آزاد صحافت ۽ ڄاڻ جي آزاداڻي وهڪري تي غير معمولي حملو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.