هلندڙ سال 1169 بال کيڏڻ کانپوءِ پاڪستان جو پاور پلي ۾ پهريون ڇڪو!

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاور پلي دوران نيٺ پهريون ڇڪو هڻي ورتو.

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ميگا ايونٽ جي 22 هين ميچ کيڏي وئي.

پاڪستان طرفان هلندڙ سال 1169 بال کيڏڻ کانپوءِ پاور پلي ۾ عبدالله شفيق طرفان ڇڪو هنيو ويو.

عبدالله شفيق افغان بالر نوين الحق کي ڇڪو هنيو.

ان کانپوءِ عبدالله ئي افغان بالر مجيب الرحمان جي بال تي هلندڙ سال پاور پلي ۾ ٻيو ڇڪو هنيو.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان اِها واحد ٽيم هئي جنهن پاور پلي يعني شروعات ڏهن اوون دوران ڇڪو نه هنيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.