انگلش ٽيم کي وڏو جهٽڪو، اهم بالر عالمي ڪپ مان آئوٽ

لنڊن (ويب ڊيسڪ ) دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جو اهم فاسٽ بالر ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو جنهن کانپوءِ انگلش ٽيم جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ واڌرو ٿي ويو آهي.

انگلش ڪرڪٽ بورڊ موجب، فاسٽ بالر ريسي ٽوپلي آڱر ۾ فريڪچر سبب عالمي ڪپ جون رهيل ميچون نه کيڏي سگهندو.

ٽوپلي کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ دوران آڱر ۾ ڌڪ لڳو هو ، پر ميچ کانپوءِ اسڪين ۾ سندس فريڪچر جي تصديق ٿي آهي.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب، بالر ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ انگلينڊ لاءِ روانو ٿي ويندو، ٽوپلي جي متبادل جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو.

واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 20 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 229 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

ڏکڻ آفريڪا هٿان شڪست کانپوءِ دفاعي چيمپيئن انگلش ٽيم پوائنٽ ٽيبل تي نائين پوزيش اچي وئي آهي.

انگلينڊ ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين چئن مان ٽي ميچون هارائي چڪي آهي ۽ هاڻ سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ان کي باقي ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.