ڀارت ۾ نوراتري ملهائيندي 10 ڄڻا دل جو دورو پوڻ سبب فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ مذهبي تهوار نوراتري ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 24 ڪلاڪن دوران 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ نوراتري جي تقريبن دوران 10ڄڻا فوت ٿي ويا.
متاثرن ۾ ننڍي عمر کان وٺي اڌڙوٽ شامل آهن، جن ۾ سڀني کان ننڍو 13 ورهين جو ٻار به شامل آهي.
ڄاڻايل صورتحال اختيارين کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، حڪومت تقريبن وارن هنڌن جي سمورن اسپتال ۽ ڪميونٽي هيلٿ ۽ ڪميونٽي هيلٿ سينٽرز کي الرٽ جاري ڪندي کين هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.