غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان لاڳيتو جاري بمباري ۾ 55 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته اولهه ڪناري ۾ هڪ مسجد کي به شهيد ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل هڪ ڀيرو وري غزا جي اترين علائقن مان نڪرڻ لاءِ الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪي شهري ڏکڻ غزا منتقل نه ٿيا انهن کي حماس جو حامي سمجهيو ويندو.
اسرائيلي فوج ڌمڪي ڏني ته اترغزا ۾ الٽيميٽم کان پوءِ به رهجي ويندڙ فلسطيني شهرين کي به نشانو بڻايو ويندو. شهري حماس لاءِ انساني ڍال نه بڻجن.
هوڏانهن الٽيميٽم مڪمل ٿيڻ اڳ ئي اسرائيل غزا تي بمباري جاري رکي آهي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ ٿيل تازي بمباري ۾ 55 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيل جي تازي بمباري ۾ زخمين جو انگ 100 کان وڌيڪ آهي جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جڏهن ته اسپتال تي اسرائيلي حملي بعد طبي سرگرميون به بند آهن.
غزا ۾ لکين ماڻهو بجلي ۽ خوراڪ کانسواءِ زندگي گھارڻ تي مجبور آهن. رفح ڪراسنڪ تان رڳو 20 امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
اسرائيلي فوج اولهه ڪناري ۾ هڪ مسجد کي نشانو بڻايو جنهن ۾ هڪ نمازي شهيد ٿي ويو جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن. ان کان اڳ اسرائيل تاريخي مسجد العمري کي به شهيد ڪيو هو.
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي حماس جي اسرائيل تي حملي ۾ 1400 اسرائيلي مارجي ويا هئا جڏهن ته ان کان پوءِ اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 4385ٿي ويو آهي ۽ 14 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.
You might also like