نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي خلاف جنگ ۾ اسرائيل جي حمايت ڪندڙ ڀارت عزا لاءِ امداد موڪلي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب ڀارت طرفان امداد انساني بنياد تي موڪلي وئي جيڪا مصر۾ رفع ڪراسنگ ذريعي غزا موڪلي ويندي.
پرڏيهي معاملن جي ترجمان ارندم باغچي سماجي رابطنجي ويب سائيٽ ايڪس تي روانو ڪيل امدادي سامان جون تصويرون شيئر ڪندي ان جي تصديق ڪئي.
ارندم باغچي لکيو ته جهاز آءِ اي سي 17 ذريعي 6.5 ٽن دوائون ۽ 32 ٽن آفتن کان بچاءَ جو سامان فلسطينين لاءِ روانو ڪيو ويو جيڪو مصر جي العريش ائيرپورٽ تي لهندو.
هن ٻڌايو ته سامان ۾ ضروري دوائون، خيما، سمهڻ جا بسترا کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن.
Prev Post
You might also like