مينار پاڪستان جلسي ۾ کيسا ڪترڻ آيل 15رڪني گروهه گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) آرگنائزڊ ڪرائيم يونٽ مينار پاڪستان جلسي ۾ سنڌ کان آيل 15 رڪني بشنين جي ٽولي  کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

جوابدارن جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جو 40 کان 45 رڪني گروهه آهي جيڪو سنڌ کان آيو آهي ۽ اسان جو مقصد ماڻهن کي لٽڻ آهي.

ڊي ايس پي آرگنائزڊ ڪرائيم يونٽ چوهنگ فارو اصغر اعواڻ بڌايو ته جوابدارن جلسن ۽ هجوم وارن هنڌن تان شهرين جا کيسا ڪتريندا آهن، جوابدار اڳونا رڪارڊ يافتا آهن ۽ هنن مختلف چوري ۽ کيسا کترڻ جهڙين وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي. جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.