عاطف اسلم پاران فلسطينين لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپين جو عطيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم غزا جي مظلومن لاءِ 15 ملين رپين جي امداد عطيو ڪري مداحن جو دليون کٽي ورتيون.
فلاحي تنظيم الخدمت فائونڊيشن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پوسٽ شيئر ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هن ڏکئي وقت ۾ غزا جي مسلمانن جي وڏي دل سان مدد ڪرڻ تي عاطف اسلم جا ٿورا مڃيا.
انساني همدردي جو جذبو رکندڙ گلوڪار هر ڏکئي وقت ۾ انسانيت جي مدد ڪندو رهندو آهي، اهو پهريون ڀيرو ناهي جو گلوڪار وڏي دل جو مظاهرو ڪندي انسانيت جي خدمت ڪئي هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.