ڏکڻ آفريڪا ورلڊ ڪپ ۾ ڇائنجي ويو، پروٽيز، گورن کي 229 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 20 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ کي 229 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڏکن آفريڪي بالرن آڏو انگلش بيٽر گهڻي دير وڪيٽ ٽي ٽڪاءُ نه ڪري سگهيا ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪِرنديون رهيون.

انگلش ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي 400 رنسن جي جواب ۾22 اوورن ۾ 170 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

انگلينڊ جو مارڪ ووڊ 43 جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته گُس اٽڪِنسن 35 ٺاهي نمايان رهيو .

هيري بروڪ 17، جوز بٽلر 15 ۽ ڊيوڊ ولي 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ڏکڻ آفريڪا جي گيرلڊ ڪوئيٽزي 3، لونگي نگيڊي ۽ مارڪو جنيسن 2،2 جڏهن ته ڪيشو مهاراج ۽ ڪگيسو راباڊا 1،1 وڪيٽ حاصل ڪئي.

ان کان اڳ ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي رنسن جا انبار لڳائي ڇڏيا ۽ مقرر 50 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 399 رنسون ٺاهيون.

ڏکن آفريڪا جي هينرڪ ڪلاسن 67 بالن تي 109 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، سندس انگز ۾ چار ڇڪا ۽ 12 چوڪا شامل هئا، مارڪو جنيسن به 42 بالن تي 75 رنسن جي تيز اننگ کيڏي.

ان کانسواءِ ريزا هينڊرڪس 85 ۽ ريزي وين ڊر ڊوسن 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

انگلينڊ طرفان ريڪي ٽاپلي 3 ۽ عادل رشيد ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

شاندار بيٽنگ تي هينرڪ ڪلاسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.