ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي ثنا خان فلسطين تي جاري اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اٿاري ڇڏيو.
غزا تي جاري اسرائيلي جارحيت تي پاڪستان ۽ ترڪ اداڪارن سوڌو ڀارت جا ڪيترائي اداڪار آواز اٿاري چڪا آهن جن ۾ سونم ڪپور، گوهر خان ۽ سوارا ڀاسڪر طرفان فسلطين جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي.
جنهن کان پوءِ واهپيدار ثنا خان جي فلسطين جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا پيغام جي انتظار ۾ هئا ۽ جڏهن ائين نه ٿيو ته واهپيدارن طرفان اڳوڻي اداڪارا کي تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو.
پر هاڻي انسٽاگرام اسٽوري تي ثنا خان فلسطين جي حق ۾ اسٽوريز شيئر ڪندي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي.
انسٽاگرام اسٽوري تي ثنا خان فلسطين جي هڪ معصوم ٻار جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته بي رحم ۽ بي شرم ماڻهن اسپتال ۽ معصوم ٻارن تي حملو ڪيو ۽ هو ان کي دفاع چون پيا، پريشان نه ٿيو اوهان سڀني هميشه لاءِ دوزڪ ۾ پنهنجي لاءِ خاص جاءِ ٺاهي ڇڏي آهي.
ثنا خان جي ٻين اسٽوري ۾ لکيو هو ته آئون ڪالهه به فسلطين سان گڏ هيس، اڄ به آهيان ۽ سڀاڻي به رهنديس