ڊينگي بخار مڇرن سبب پکڙجندڙ عام بيماري آهي ۽ پاڪستان جي مختلف حصن ۾ هر سال ان جي هزارين ڪيسز سامهون ايندا آهن.
ان بيماري ۾ تيز بخار سان گڏ (فلو) جهڙين علامتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
پر وڌيڪ بيماري ٿيڻ رت وهڻ ۽ موت جو خطرو وڌي ويندو آهي.
اڃا ڊينگي جو ڪو به علاج دستياب ناهي پر ڊاڪٽرن طرفان ان جي علامتن جي روڪٿام ڪئي ويندي آهي.
هاڻي هڪ دوا کي ڪلينيڪل ٽرائل ۾ ان بيماري جي علاج لاءِ اثرائتي دريافت ڪئي وئي آهي.
آمريڪا ۾ تيار ڪيل ان دوا جي آزمائش ڪجهه ماڻهن تي ڪئي وئي هئي.
جانسن اينڊ جانسن ان دوا کي تيار ڪيو آهي ۽ ان جي ٽرائل لاءِ 10 صحتمند ماڻهن جو خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون جن جي جسم ۾ ڊينگي وائرس کي داخل ڪيو ويو هو.
جسم ۾ وائرس داخل ڪرڻ کان اڳ انهن ماڻهن کي 5 ڏينهن تائين دوا جو وڌيڪ مقدار استعمال ڪرايو ويو.
وائرس داخل ڪرڻ بعد دوا کي 21 ڏينهن تائين استعمال ڪرايو ويو.
محققن موجب 10 مان 6 ڄڻن جي رت ۾ ڊينگي وائرس دريافت نه ٿيو جڏهن ته 85 ڏينهن جي مانيٽرنگ دوران به وائرس جي انفيڪشن جا آثار نه مليا.
هنن ٻڌايو ته سڀني ماڻهن جي جسم ۾ وائرس جي ڪمزور ورجن کي استعمال ڪيو ويو هو.
محقنن طرفان ڪلينيڪل ٽرائل جي ٻئين مرحلي تي به ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ۾ ڊينگي وائرس جي 4 مختلف قسمن خلاف ان دوا جي فائدي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻئي مرحلي کان پوءِ ان دوا جي آزمائشي علاج جي طور تي ڪئي ويندي.
محققن ٻڌايو ته اها دوا 2 وائرل پروٽين کي بلاڪ ڪري وائرس کي پنهنجو نقل بڻائڻ کان روڪي ٿي ۽ ٽرائل ۾ شامل ماڻهن ۾ اها محفوظ ثابت ٿي.
پر وڏي پيماني تي ان دوا جي استعمال ۾ ڪافي وقت گھربل هوندو ۽ محققن موجب اڃا اسان شروعاتي دور مان گذري رهيا آهيون.
Prev Post
You might also like