سرفراز احمد لاءِ سٺي خبر، پي سي بي وڏو قدم کڻي ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) وڌيڪ پنجن ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڪانٽريڪٽ حاصل ڪندڙ رانديگرن جو انگ پنجويهه کان ٽيهه ٿي ويو آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اسپنر ابرار احمد ۽ نعمان علي کي سي ڪيٽيگري جڏهن ته طيب طاهر، عامر جمال ۽ ارشد اقبال کي ڊي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ان کانسواءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي ڪيٽيگري تبديل ڪندي کيس ڊي کان بي ڪيٽيگري ۾ ترقي ڏني وئي آهي.

ان کان اڳ اعلاننيل سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل 25 رانديگرن کي فهرست جي منظوري اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جي دور ۾ ڏني وئي هئي.

ذڪاءَ اشرف جي سربراهي ۾ قائم مئنيجمينٽ ڪميٽي نئين سر جائزو ورتو جنهن کانپوءِ 5 ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو.

ياد رهي ته پي سي بي گذريل مهيني مرد ڪرڪيٽرز جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.