غزا تي بمباري، دنيا پنهنجي انسانيت وڃائيندي پئي وڃي: گڏيل قومن جو ادارو

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطين لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي امدادي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي سربراهه غزا تي اسرائيلي جارحيت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل شهادتن تي چيو آهي ته دنيا پنهنجي انسانيت وڃائيندي پئي وڃي.
برطانوي ميڊيا موجب رليف ايجنسي جي سربراهه فلپ لازاريني چيو ته حماس ۽ اسرائيل جنگ جي نتيجي ۾ وچ اوڀر هن وقت کاهيءَ جي ٻه واٽي تي ٻيٺل آهي.
گڏيل قومن جي رليف ڪمشنر غزا ۾ جاري تشدد کي سڄي خطي ۾ پکڙجڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو.
هن غزا لاءِ انساني امداد جي راهداري کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته مون کي ڊپ آهي ته دنيا انسانيت وڃائيندي پئي وڃي ۽ هن وقت غزا بنا دير امداد فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.